” اُهي ڏينهن گذري ويا“حملو ٿيو ته پوري طاقت سان جواب ڏينداسين: نيتن ياهو جي ايران کي ڌمڪي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ايران کي سخت ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل تي حملو ڪيو ويو ته پوري طاقت سان جوابي ڪارروائي ڪئي ويندي.
نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو نه سمجهيو وڃي ته جيڪڏهن اسان تي حملو ٿيندو ته اسان خاموش رهنداسين.
هن چيو ته ”اُهي ڏينهن گذري ويا آهن، جڏهن اسرائيل تي حملا ٿيندا هئا ۽ اسان فيصلائتو جواب نه ڏيندا هئاسين.“
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل پنهنجي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ۽ ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

You might also like