مڪو شريف(ويب ڊيسڪ) سڀاڻي اربع 15 جولاءِ تي سج ڪعبي جي مٿان هوندو، جنهن سبب ڪجهه لمحن لاءِ ڪعبي جو پاڇو مڪمل طور ختم ٿي ويندو.
جده فلڪياتي سوسائٽي موجب، اربع ڏينهن مڪي جي مقامي وقت موجب منجهند 12 لڳي 26 منٽ ۽ 44 سيڪنڊن تي سج ڪعبي جي مٿان 90 ڊگري جي زاويي تي هوندو.
ان موقعي تي سج ڪعبي جي بلڪل مٿان اچي ويندو، جنهن سبب ڪعبي جو پاڇو نظر نه ايندو.
سج جي ڪعبي جي بلڪل مٿان اچڻ سان دنيا جا مسلمان قطب نما کانسواءِ به قبلي جي صحيح رخ جو آساني سان تعين ڪري سگهندا.
واضح رهي ته سال ۾ ٻه ڀيرا سج ڪعبي جي بلڪل مٿان ايندو آهي.
پاڪستاني وقت موجب اهو منظر منجهند 2 لڳي 26 منٽ ۽ 44 سيڪنڊن تي ڏسي سگهجي ٿو.
واضح رهي ته ماضي ۾ به سج جي ڪعبي جي بلڪل مٿان اچڻ واري موقعي تي قبلي جي رخ جو تعين ڪيو ويندو هو.
ان لاءِ زمين ۾ هڪ سڌي لٺ کوڙي ويندي هئي، جڏهن ان جو پاڇو غائب ٿيندو هو ته ان جي مخالف سمت کي قبلي جو رخ سمجهيو ويندو هو.