حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي ايس ايس پي آفيس ۾ مقرر جونيئر ڪلارڪ ماريا ساريو کي نوڪريءَ تان برطرف ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپوٽن موجب، ماريا ساريو تي الزام آهي ته هن خواجا سرائن کان احتجاج ڪرائي انتظاميا تي دٻاءُ وجهڻ ۽ کين بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي بنياد تي سندس خلاف کاتي ڪارروائي ڪندي کيس ملازمت تان هٽايو ويو.
واضح رهي ته ان معاملي بابت اختيارين طرفان باظابطا تفصيلي موقف يا وڌيڪ تفصيل اڃا تائين جاري نه ڪئي وئي آهي.