ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 27 جون تي رينجرز ڪئمپ تي ٿيل حملي جي ماسٽر مائينڊ قاري بشير سميت سمورو سهولتڪار نيٽ ورڪ گرفتار ڪيو ويو آهي.
سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 27 جون تي گلستان جوهر ۾ قائم رينجرز ڪئمپ آفيس تي حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي هئي.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر ٻڌايو ته دهشتگردن کي هٿيار فراهم ڪندڙ سمگلر به گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ حملن ۾ شامل افغانستان ۽ پاڪستان ۾ موجود سمورو نيٽ ورڪ وائکو ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته خارجي دهشتگرد جانان رينجرز ڪئمپ جي دروازي تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، جڏهن ته باقي ٽي دهشتگرد اندر داخل ٿيا. حملي ۾ شامل هڪ دهشتگرد باجوڙ جو رهواسي هو، جڏهن ته ٽي افغان شهري هئا، چئن ئي دهشتگردن کي تربيت، هٿيار ۽ بارود افغانستان مان فراهم ڪيو ويو.
اختيارين جو چوڻ هو ته دهشتگردن کي افغان سرزمين تان هينڊلر هدايتون ڏئي رهيا هئا، گرفتار سهولتڪارن وٽان ڀارتي پراڪسي تنظيم جماعت الاحرار جي تربيتي ڪئمپ ۾ حملي جي تياري ۽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جون وڊيوز پڻ هٿ آيون آهن.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار دهشتگرد عثمان جاچ دوران مختلف تربيتي ڪئمپن ۾ تربيت وٺڻ جو اعتراف ڪيو، جڏهن ته حملي ۾ ملوث چارئي دهشتگرد افغانستان کان ڪراچي پهتا، جن کي حب چوڪي کان ڪورنگي منتقل ڪري هڪ گهر ۾ ترسايو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته حملي جي ماسٽر مائينڊ محمد بشير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه سهولتڪارن جا ڀارت سان رابطا هجڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي.
Next Post
You might also like