موسمياتي تبديلين جا ڀوائتا اثر، بنگلهه ديش ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي، 51 ڄڻا فوت، هزارين بي گهر

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلهه ديش ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري تيز برساتن، اوچتي ٻوڏن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب گهٽ ۾ گهٽ 51 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، تيز برساتن سبب گادي واري شهر ڍاڪا سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن.
ڪاڪس بازار ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي هينئر تائين 28 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
گذريل هفتي به انهيءَ ضلعي ۾ ٻوڏ جي وهڪري سبب هڪ اسڪول جا ڪيترائي شاگرد ۽ هڪ استاد فوت ٿي ويا هئا.
واضح رهي ته ڪاڪس بازار اهو علائقو آهي، جتي 10 لک کان وڌيڪ روهنگيا پناهگير رهندڙ آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي سبب برساتن جي شدت ۽ ان جو انگ وڌي رهيو آهي.
تيزي برساتن جو سلسلو هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي، برساتن ۾ واڌ کانپوءِ اختيارين ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خدشن سبب الرٽ جاري ڪندي حساس علائقن مان خاندانن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو، جڏهن ته شاگردن جا امتحان به ملتوي ڪيا ويا.
اختيارين موجب، هزارين ماڻهو هن وقت سرڪاري پناهگاهن ۾ ترسيل آهن، جڏهن ته آچر تائين متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک کان وڌي چڪو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڍاڪا جي ڪيترين ئي گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ پاڻي گوڏن تائين اچي ويو آهي.
ٻئي پاسي فلڊ فورڪاسٽنگ اينڊ وارننگ سينٽر جي آفيسر سردار اُدي راءِ هان موجب ملڪ جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ صورتحال جلد بهتر ٿيڻ جو امڪان آهي، پر چوماسي برساتن سبب اتر اوڀر ۽ اتر وارن علائقن ۾ وڌيڪ ٻوڏ جو خطرو برقرار آهي.

You might also like