ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدرن جي ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ڊڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميرپورخاص ۾ مبينا جڙتو پوليس مقابلي دوران ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جوابدارن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران عدالت پنهنجي رمارڪس ڏيندي ۾ چيو ته ايف آءِ اي کي اهڙن ڪيسن ۾ نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي، پر قانوني غلطي جي بنياد تي جوابدارن کي فائدو نٿو ڏئي سگهجي، تنهنڪري ڪيس قانون موجب جاري رهندو.
عدالت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ رڳو جاچ ايف آءِ اي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو ڪو به حڪم نه ڏنو ويو هو.
عدالت وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي کي حراستي تشدد ۽ موت بابت قانون تحت نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو اختيار ناهي. موجوده ڪيس ۾ پوليس جي پهرين ايف آءِ آر رد ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي پنهنجي جاچ مڪمل ڪري چالان پڻ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت قرار ڏنو ته هي معاملو رڳو قانوني طريقيڪار جي غلطي جو آهي، جنهن کي درست ڪري سگهجي ٿو ۽ جاچ ڪندڙ اداري جي قانوني تشريح ۾ غلطي جو فائدو جوابدارن کي نٿو ڏئي سگهجي.
عدالت هدايت ڪئي ته ايف آءِ اي طرفان داخل ڪيل ڪيس کي پوليس ڪيس طور سمجهي اڳتي وڌايو وڃي.

You might also like