تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران آمريڪا سان جوهري معاهدي تي راضي ٿي ويو آهي.
آچر ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي نشرياتي اداري اين بي سي سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته گذريل هفتي جي آخر ۾ ٿيل ڳالهين دوران ايران آمريڪا سان هڪ اهڙي معاهدي تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪو آمريڪا لاءِ انتهائي بهتر آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران پنهنجي جوهري پروگرام سميت ٻين معاملن تان به هٿ کڻي ڇڏيو آهي.
پر سومر ڏينهن ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ٽرمپ جي انهن بيانن کي”مڪمل طور غلط بياني“ قرار ڏنو.
اسماعيل بقائي چيو ته ڇنڇر ڏينهن عمان ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران آبناءَ هرمز کانسواءِ ڪنهن به ٻئي موضوع تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين لاءِ ٽياڪڙ پنهنجون ڪوششون اڃا تائين جاري رکيو ويٺا آهن.
ان کانسواءِ ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪي اڏن تي ڪيل ڪارروائيون دفاعي نوعيت جون هيون ۽ ايران جي پنهنجي دفاعي حق تي اعتراض ڪرڻ غير ذميواراڻو رويو آهي.
هن چيو ته جيستائين ٻي ڌر پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪندي، تيستائين ايران به مفاهمتي ياداشت(ايم او يو ) تي عمل نه ڪندو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا مسلسل مفاهمتي ياداشت جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ آبناءِ هرمز بابت ايران سان طئي ٿيل هڪ مهيني جي مهلت به مڪمل ٿيڻ نه ڏني.
اسماعيل بقائي چيو ته ايران آبناءِ هرمز بابت عمان سان گڏجي اڳڀرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر عمان تي آمريڪي دٻاءُ انهن ڪوششن ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي.
ترجمان چيو ته ايران ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو آهي ته علائقائي ملڪ پنهنجي سرزمين ايران خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏين.
هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايران کي آبناءِ هرمز ۾ پنهنجي تحفظ لاءِ هر ضروري قدم کڻڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.