قاهرا (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت کانپوءِ مصر جي قومي فٽبال ٽيم جي وطن واپسي تي رانديگرن جو شاندار آجيان ڪئي وئي.
رپورٽن موجب، ٽيم جي جهاز لهڻ شرط ايئرپورٽ تي سرڪاري عملدارن ۽ انتظاميا رانديگرن کي ڀليڪار ڪيو، جڏهن ته هزارين مداح پڻ پنهنجي پسنديدا رانديگرن جي استقبال لاءِ وڏي انگ ۾ موجود هئا.
رانديگر جيئن ئي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتا ته مداحن کين گهيري ورتو، ساڻن تصويرون ڪڍرايون ۽ محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو.
ان کانپوءِ قومي فٽبال ٽيم کليل بس ذريعي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جتي روڊن جي ٻنهي پاسن تي قومي جهنڊا کڻي بيٺل هزارين شهري رانديگرن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيقرار نظر آيا.
ان موقعي تي شهرين مصر ۽ قومي فٽبال ٽيم جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي، جڏهن ته رانديگرن به هٿ لوڏي مداحن جي محبتن جو جواب ڏنو.
ورلڊ ڪپ کانپوءِ مصري ٽيم جي وطن واپسي تي تاريخي آجيان، هوائي اڏي ٻاهران عوامي سمنڊ اُٿلي پيو
You might also like