پاڪستان ۾ تربيلا ۽ منگلا کانپوءِ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو، ڀارت 5 هزار ڊيم ٺاهيا آهن: واپڊا چيئرمين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)واٽر اينڊ پاور ڊيولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي چيئرمين محمد سعيد چيو آهي ته پاڪستان کي پاڻي جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته تربيلا ۽ منگلا کانپوءِ ملڪ ۾ ڪو به وڏو ڊيم تعمير نه ٿيو، جڏهن ته ڀارت 5 هزار ڊيم تعمير ڪري چڪو آهي.
سينيٽ جي پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر ڄام سيف الله خان جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جتي ملڪ جي پاڻي وسيلن، ٻوڏ جي خطري ۽ آبي ذخيرن بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ حددخلين وارن 227 هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن مان رڳو 18 هنڌن جون سيٽلائيٽ تصويرون حاصل ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته پنجاب 2 هزار 737 قبضا ٿيل هنڌ رپورٽ ڪيا آهن.
ڪميٽي جي چيئرمين جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ دريائن جي بهتر انتظام تي زور ڏيندي چيو ته چناب درياءَ تي نون آبي ذخيرن جي اڏاوت بابت خصوصي اجلاس سڏايو ويندو، جنهن ۾ انڊس واٽر ڪمشنر، پرڏيهي وزارت، عالمي بينڪ، اين ڊي ايم اي ۽ فيڊرل فلڊ ڪميشن کي پڻ طلب ڪيو ويندو.
اجلاس دوران ڪميٽي ميمبر خليل طاهر راوي درياءَ تي قبضن بابت سوال اٿاريو، جنهن تي پنجاب جي چيف انجنيئر ٻڌايو ته راوي جي ڪنڌين تان آباديون هٽايون ويون آهن.
ڪميٽي چيئرمين هدايت ڪئي ته ان معاملي بابت صحيح ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ معاملو اختياري ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويندو.
واپڊا چيئرمين محمد سعيد چيو نيلم جهلم هائيڊرو پاور منصوبي تي انڪوائريز جاري آهن ۽ اميد آهي ته مارچ 2028ع تائين اهو منصوبو ٻيهر فعال ڪيو ويندو.
هن چيو ته سنڌ جي نئين گاج ڊيم وارو معاملو عدالت ۾ هئڻ سبب ان تي ڪم رڪيل آهي.
سندس چوڻ هو ته نئين گاج ڊيم ٺهڻ سان دادو ۽ سيوهڻ ۾ ٻوڏ جي خطري کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ 28 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ ته منصوبي تي هينئر تائين 23 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٺيڪيدار جعلي بئنڪ گارنٽي جمع ڪرائڻ سبب معاهدو ختم ڪيو ويو هو.

 

You might also like