غيرقانوني افغان شهرين لاءِ مهلت ختم، حڪومت جو ڪارروائيون تيز ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت کين ملڪ بدر ڪرڻ واري عمل ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽن موجب، 10 جولاءِ جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ بغير ڪارآمد ويزا جي رهندڙ ڪنهن به افغان شهري کي فوري طور گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته ان حوالي سان روزاني بنياد تي وفاقي گهرو وزارت ڏانهن رپورٽ پڻ موڪلي ويندي.
رپورٽ ۾ بغير ويزا گرفتار ڪيل افغان شهرين جو انگ، سندن خلاف ڪيل ڪارروائي ۽ موجوده قانوني حيثيت بابت تفصيل شامل هوندا.
ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني افغان شهرين خلاف ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته وفاقي گهرو وزارت 28 جون 2026ع تي چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين ۽ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر کي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ خط موڪليو هو.
گهرو وزارت پنهنجي خط ۾ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ضروري هدايتون جاري ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي هئي.

You might also like