ڪراچي رهڻ جهڙو نه رهيو، دنيا جي بدترين شهرن ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اِڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ (اي آءِ يو) پاران جاري ڪيل گلوبل لائيوئبلٽي انڊيڪس 2026 موجب ڪراچي کي دنيا جي گهٽ رهڻ جوڳن شهرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ دنيا جي 173 شهرن جي درجا بندي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪراچي 170هين نمبر تي آهي.
ڪراچي کان هيٺ رڳو ڍاڪا، طرابلس ۽ دمشق شامل آهن، رپورٽ ۾ ڪراچي جو مجموعي اسڪور 100 مان 43 ڄاڻايو ويو آهي.
رينڪنگ لاءِ پنج بنيادي شعبا شامل هئا، جن ۾ امن امان، صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ ثقافتي توڙي ماحولياتي سهولتون شامل آهن. ڪراچي کي خاص طور امن امان ۽ بنيادي انفراسٽرڪچر جي ڪمزور ڪارڪردگي سبب هيٺين درجي ۾ رکيو ويو آهي.
ٻئي پاسي ڊئنمارڪ جي راڄڌاني ڪوپن هيگن لڳاتار ٻئي سال دنيا جو سڀ کان وڌيڪ رهڻ لائق شهر قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ويانا، ميلبورن ۽ سڊني به لسٽ ۾ ٽاپ شهرن ۾ شامل آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ٽريفڪ نظام، شهري سهولتن، گدلاڻ ۽ سيڪيورٽي جي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي ته شهر جي عالمي درجي بندي ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.

 

 

You might also like