ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ناليواري سنڌي گلوڪار طفيل سنجراڻي دل جي دوري کانپوءِ اسپتال مان وڊيو بيان جاري ڪندي پنهنجي مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي.
طفيل سنجراڻي هن وقت ڪراچي جي هڪ دل جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن ٻڌايو ته کيس اوچتو دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس ضروري طبي امداد فراهم ڪئي.
گلوڪار چيو ته الله پاڪ جي فضل، ڊاڪٽرن جي ڪوششن ۽ مداحن جي دعائن سان سندس صحت ۾ تيزي سان بهتري اچي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هو جلد مڪمل صحتياب ٿي پنهنجي چاهيندڙن جي وچ ۾ واپس ايندو.
طفيل سنجراڻي ڏکئي وقت ۾ پنهنجي لاءِ دعائون ڪندڙ، خيرخواهن ۽ حوصلا افزائي ڪندڙ دوستن ۽ مداحن جا ٿورا مڃيا. هن عوام کي اپيل ڪئي ته سندس مڪمل صحتيابي لاءِ دعائون جاري رکن، جيئن هو جلد پنهنجي معمول جي زندگي ڏانهن موٽي سگهي.