ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ناهيد پروين چيو آهي ته تعليمي اداري ۾ ٻن شاگرد ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران کيس به ڌڪ لڳا، پر کيس پنهنجي زخمي ٿيڻ کان وڌيڪ پنهنجي رتو رت شاگردن جي ڳڻتي هئي.
هن چيو ته سيڪيورٽي عملي واقعي واري هنڌ تي دير سان پهتو، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي.
ناهيد پروين موجب، اهو ڪو معمولي واقعو نه هو، پر هڪ ئي ڏينهن اندر سنڌي شاگردن تي ٽي ڀيرا حملا ڪيا ويا.
هن چيو ته حملو ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو شاگردن کي نه ڇڏيندا، ڇاڪاڻ ته هو ”جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻي رهيا هئا.
ناهيد پروين چيو ته هن پنهنجي شاگردن کي بچائيندي چيو ته ” اسين سنڌ ۾ رهون ٿا، سنڌي آهيون، جيئي سنڌ ضرور چونداسين.“
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي تي هي پهريون حملو نه آهي، ان کان اڳ به اهڙا واقعا ۽ ڪاهون ٿينديون رهيون آهن.
”سنڌ ۾ رهون ٿا، جيئي سنڌ ضرور چونداسين“ ناهيد پروين جو ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي حملو ڪندڙن کي جواب
You might also like