ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3 هزار رپين کان وڌيڪ جو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 3600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 33 هزار 836 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 3 هزار 86 رپين جي واڌ سان 3 لک 71 هزار 944 رپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 36 ڊالر اضافي سان 4113 ڊالر في اونس آهي.