تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان خارگ ٻيٽ تي حملي جي ڌمڪي کانپوءِ ايراني قيادت ۽ اختيارين سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي بابت ترجمان ابراهيم رضائي ٽرمپ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”اَچُ، اسان تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهيون.“
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽرمپ جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو ته ”مهذب ۽ بهادر ايراني قوم لاءِ توهين جوڳي ٻولي استعمال ڪرڻ سان ايراني قوم جي عظمت نه گهٽبي، ايران پنهنجي شائستگي، ثقافت ۽ مضبوط اخلاقي قدرن سان ڄاتو وڃي ٿو. اسان بيشرمي جو جواب بي بيشرمي سان نه، پر بي خوف، عظيم حوصلن ۽ عمل سان ڏيندا آهيون.“
ياد رهي ته ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته هن بحري جهازن تي حملن جي ردعمل ۾ ايران تي حملا ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن ٻيهر اهڙو واقعو ٿيو ته نتيجا وڌيڪ سنگين هوندا.
ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي سينيئر مشير محسن رضائي خبردار ڪيو آهي ته ”آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي سخت سزا ڏني ويندي.“
ان کانسواءِ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته ”مفاهمتي يادداشت اعتماد جي نه پر وعدن جي پاسداري جي بنياد تي ٿي هئي. آمريڪا آبناءِ هرمز ۾ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي، پر ايران پنهنجن مفادن جو تحفظ ڪندو.“