اوڀر وارو پاڙيسري پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ملوث آهي: وزيراعظم

ڪوئيٽا(وي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جو اوڀر وارو پاڙيسري ملڪ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث آهي.
ڪوئيٽا ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، گورنر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سميت وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ دهشتگردي جا سنگين واقعا ٿيا آهن، جن جي نتيجي ۾ پوليس، پاڪ فوج جا جوان ۽ شهري شهيد ٿيا.
هن ٻڌايو ته مختلف ڪارروائين ۾ 54 دهشتگرد ماريا ويا ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي.
وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن لازوال قربانيون ڏنيون آهن، سموري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. شهباز شريف چيو ته اسان جو اوڀر وارو پاڙيسري دهشتگردي ۾ ملوث آهي، دهشتگرد تنظيمن کي هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته دهشتگرد افغان سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت جو عزم آهي ته اسان کي ملي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي، ان فتني کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آندا ويندا.

You might also like