بابر اعظم پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڪپتان ٿيو آهي: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريڊ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته بابر اعظم کي صلاح مشوري ۽ سندس راضپي کانپوءِ ٽيم جي قيادت سونپي وئي آهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته ٽيم جي ڪوشش هوندي ته ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو وڃي.
هن چيو ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز ۾ به بهتر نتيجن لاءِ پراميد آهيون، ڇاڪاڻ ته ٻئي سيريزون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن.
ريڊ بال هيڊ ڪوچ چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ قومي ٽريننگ ڪئمپ دوران رانديگرن جي صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ لاءِ خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ٽيم کي پنهنجي خامين ۽ غلطين جو مڪمل ڄاڻ آهي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن.
سرفراز احمد اميد ظاهر ڪئي ته بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وڌيڪ اتحاد، اعتماد ۽ جذبي سان ميدان ۾ لهندي ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪندي.
صحافت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۽ موجوده صحافت ۾ وڏو فرق اچي چڪو آهي. اڳ صحافي ميدانن تي وڃي رانديگرن جي ڪارڪردگي جو ويجهڙائي سان جائزو وٺندا هئا. سندس چوڻ هو ته تنقيد جو مرڪز رانديگرن جي ڪارڪردگي هجڻ گهرجي، جڏهن ته ذاتيات ۽ ڪردار تي تنقيد ڪرڻ مناسب عمل ناهي.

 

You might also like