لاهور(ع آ نيوز) لاهور ۾ پرڏيهي عورتن جي اغوا ۽ زيادتي جي ڪيس بابت وڌيڪ تفصيل سامهون ايندي ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور فيصل ڪمران صحافين کي ڪيس بابت بريفنگ ڏني، پر صحافين جي سخت سوالن کان پوءِ پريس ڪانفرنس اڌوري ڇڏي ڏني. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪمران انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ته پوليس پرڏيهي عورتن کي نه بچايو. هن وڌيڪ چيو ته هڪ جوابدار جو حڪومت جي هڪ اعليٰ وزير سان تعلق هجڻ جي باوجود، پوليس ڪيس جي جاچ دوران سڀني جوابدارن سان هڪجهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي. بريفنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن سوال ۽ جواب جو سيشن شروع ٿيو، ته ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور ۽ صحافين جي وچ ۾ گرما گرم بحث ڏٺو ويو.جڏهن ڪيس ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (سي سي ڊي) جي حوالي نه ڪرڻ بابت پڇيو ويو ته ڊي آءِ جي فيصل ڪامران چيو ته هي ڪيس سي سي ڊي جو ناهي، تنهن ڪري لاهور پوليس ان جي جاچ ڪري رهي آهي. هڪ صحافي ڊي آءِ جي فيصل ڪامران کان مئجسٽريٽ جي گهر ۾ پوليس جي داخلا بابت پڇيو ۽ چيو ته توهان جو نالو به هن واقعي ۾ آيو آهي، ڇا توهان ان تي استعيفيٰ ڏيندا؟ جواب ۾ ڊي آءِ جي فيصل ڪامران چيو ته مان توهان جا سوال سمجهان ٿو ۽ مون کي اهو به خبر آهي ته توهان هي سوال ڪهڙي زاويي کان پڇيو آهي.ساڳئي وقت، هن کان ‘باس’ نالي ڪردار بابت پڻ پڇيو ويو، جنهن تي هن چيو ته ‘باس’ وحيد نالي هڪ شخص آهي، جنهن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته جڏهن متاثر عورتن کي وحيد جي تصوير ڏيکاري وئي ته انهن ان جي تصديق ڪئي ۽ تصوير ڏسندي ئي رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. ساڳئي وقت ڪجهه صحافين موقف اختيار ڪيو ته اصل ۾ ‘باس’ ڪو ٻيو شخص علي ڊارآهي جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن تي فيصل ڪامران چيو ته ‘هي غلط بياني آهي’. هڪ ٻئي صحافي پڇيو ته هن ڪيس ۾ جوابدارن کي شروعات ۾ نامعلوم ڇو قرار ڏنو ويو ۽ ان ۾ دهشتگردي جون قلم ڇو لاڳو نه ڪيا ويا. لاهور جي صحافين پاران پريس ڪانفرنس ۾ ڊي آءِ جي مٿان اهڙي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته پوليس ۽ ميڊيا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪيتري وڌي چڪي آهي.ڊي آءِ جي فيصل ڪامران جي پريس ڪانفرنس ۾ لاهور جا صحافي ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا: "توهان منهنجي ٻارن جو رزق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، توهان اسان کي (گاريون) ڏيو ٿا!”صحافين چيو ته ڪيس ۾ توهان جو نالو آهي، توهان گناهگار آهيو؟ ڇا توهان کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو؟ صحافين چيو ته ڇا جج جي گهر تي ڇاپو هڻندڙ ايس ايڇ او (SHO) تي 7 ATA (دھشتگردي جا قلم) نه لڳڻ گهرجن؟ ڊي آءِ جي چيو ته توهان ڳالهه کي ڦيرائي رهيا آهيو، ڇاپو ناهي هنيو ويو. اسان جو ڊيوٽي ماجسٽريٽ سان رابطو نه پئي ٿيو، ان ڪري اسان ايس ايڇ او کي موڪليو ته وڃي چيڪ ڪري.