رضا ڊار جي گرفتاري، شريف خاندان جو اقتدار لُڏي سگهي ٿو؟

ڪراچي/لاهور/اسلام آباد(تجزياتي ڊيسڪ)لاهور زيادتي ڪيس ۾ ن ليگ اندر ڇڪتاڻ ۽ ڪرپٽو ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث شخصيتن کي به وائکو ڪري ڇڏيو،ڊي ايڇ اي لاهور ۾ ٻن پرڏيهي عورتن جي اغوا،زيادتي ۽ ڀنگ طلب ڪرڻ جي ڪيس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ڀاڻيجو رضا ڊار هن وقت  گرفتار ٿيل آهي،هن وقت هي ڪيس هاءِ پروفائيل بڻجي ويو آهي،164 جو بيان پبلڪ نٿو ڪري سگهجي پر اهو بيان ميڊيا جي زينت بڻجي ويو،ان ڪيس هڪ طرح سان مسلم ليگ نواز اندر هلندڙ جهيڙي جي ڪهاڻي به عالم آشڪار ڪري ڇڏي آهي،ڊي آءِ جي لاهور فيصل ڪامران جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ واضح ٿي ويو ته پوليس حڪمران خاندان کي بچائڻ چاهي ٿي،ڊي آءِ جي رضا ڊار کي مظلوم بڻائي پيش ڪيو،پر چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته ميان نوازشريف پنهنجي ڀاءُ شهبازشريف جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ فرمائش ڪري پنهنجي سيڻ اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزات ۾ ويهاريو،مريم نواز پنجاب ڪابينا ۾ اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار کي صلاحڪاري جو عهدو ڏئي ڇڏيو،مريم نواز ايندڙ واري لاءِ وزيراعظم جي عهدي جي خواهشمند آهي جڏهن ته پنجاب جي ايندڙ وڏ وزارت لاءِ علي ڊار جو نالو ورتو پيو وڃي،ان سڄي قصي ۾ وزيراعظم شهبازشريف جي پٽ حمزا شهباز جو پري پري تائين نالو نشان ناهي،حمزا شهباز هن وقت پاڪستان ۾ هوندي به هڪ طرح سان غيرفعال بڻايو ويو آهي، شهبازشريف کي پنهنجي پٽ جي اهڙي حال تي ڏک به آهي ۽ هن هڪ وڏي صحافي سان ان حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کي شيئر به ڪيو هو،جڏهن ته سياسي ڪيريئر جي حوالي سان اسحاق ڊار ڪڏهن به تڪرارن ۾ ملوث نه رهيو آهي،ڄاڻو صحافي اهو امڪان به ظاهر ڪري رهيا آهن ته ٿي سگهي ٿو ته اسحاق ڊار جي خاندان خلاف وڏو ڪيس ٿيڻ تي ڪجهه ڌرين ميڊيا کي اشارو ڏئي ڇڏيو هجي،اسحاق ڊار کان استعيفيٰ ڪير چاهي ٿو؟فيصل واوڊا ۽ ڪجهه سينئر صحافين اهو به لکيو هو ته پنجاب ۾ طاقتور عورتن جي ڪرپشن جا فائل تيار ٿي ويا آهن،راڻا ثناءُ الله هڪ ٽي وي پروگرام ۾ سوال ڪيو ويو ته ڇا اسحاق ڊار کي فارغ ڪيو پيو وڃي؟جنهن تي راڻا ثناءُ الله جواب ڏنو ته اهي اسحاق ڊار ته ڇا اسان سڀني کي فارغ ڪري سگهن ٿا،راولپنڊي رنگ روڊ تي اربين رپين مبينه ڪرپشن جو به گوڙ هلي رهيو آهي،وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز راولپنڊي ۾ اوچتو اهم طاقتور آفيسرن کي هٽائي ڇڏيو آهي جيڪي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جا رکرايل هئا،ان معاملي ۾ پنجاب جي اهم شخصيت ۽ پنڊي جي اهم شخصيت وچ ۾ اختلافن جا چئوٻول آهن، اهو به هُل هلي رهيو آهي ته ڪرپٽو ڪرنسي ۾ 130 ملين ڊالر جو ميگا فراڊ ٿيو آهي،جنهن ۾ ڪيترين ئي طاقتور شخصيتن جي ٻارن جا نالا سامهون اچي ويا آهن،توهان کي ياد هوندو ته 2012ع ۾ لاهور ڊفينس بيڪري تشدد ڪيس ۾ ان وقت جي وزيراعليٰ ۽ هاڻوڪي وزيراعظم شهبازشريف جي ڌيءُ،ناٺي ۽ ايليٽ فورس جي اهلڪارن پاران بيڪري ملازمن تي تشدد جو معاملو ٿيو هو پر عدالت ۾ اهي جوابدار باعزت بري ٿي ويا هئا،هاڻي ڏسجي ته رضا ڊار ڪيس۾ شريف خاندان ميرٽ جي پاسداري ڪندي ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو،ناليوارا صحافي سوشل ميڊيا تي اهو به لکي رهيا آهن ته هن ڪيس ۾ بااثر خاندان جي فرد کي بچايو ويندو،في الحال رڳو اسحاق ڊار کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ هائيپ پيدا ڪئي وئي آهي،اهو به سوال اٿي رهيو آهي ته ڪٿي ان ڪيس کي هاءِ پروفائل بڻائي ڪو ٻيو وڏو معاملو ته عوام کان نه پيو لڪايو وڃي،؟ٻئي پاسي اهي سوال به اٿي رهيا آهن ته علي ڊار ۽ رضا ڊار سان گڏ ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ڪهڙين ڪهڙين طاقتور شخصيتن پئسا سيڙايا آهن؟ان ۾ طاقتور ڌرين جا ماڻهو به ملوث ته ناهن؟ هڪ معتبر ذريعي  ٻڌايو  ته وفاق ۾ اهم عهدي تي ويهاريل هڪ شخصيت ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ڪاروبار جو ماهر آهي،ان حوالي سان الجزيره جي به رپورٽ آهي ته ٽرمپ جي ڪمپني ڪرپٽو جي ڪاروبار مان 500 ملين ڊالر ڪمائي وئي پر پاڪستانين جي ڪمپني پئسا نه ٺاهي سگهي،علي ڊار ۽ وفاق ۾ ويٺل هڪ شخصيت ڪرپٽو جي ڪاروبار ۾ هڪ ٻئي سان صلاح مشورا ڪندا هئا پر دبئي ۾ پئسا ٻڏڻ کانپوءِ ٻنهي جا لاڳاپا خراب ٿيا،،هن دعويٰ ڪئي ته جڏهن ٻه پرڏيهي عورتون اغوا ٿيون ته ان شخصيت هڪ ڳجهي ايجنسي سان رابطو ڪيو،جنهن بعد ڊي آءِ جي لاهور فيصل ڪامران جو ڪوڙ به وائکو ٿي پيو ڇو ته هن بي بي سي کي به گمراهه ڪيو هو، لاهور ۾ ڊي آءِ جي آڏو صحافين کي  پڇڻ گهرجي ها ته اهي پئسا ڪٿان آيا؟ رضا ڊار ڪنهن جي آڌار تي سيڙپڪاري ڪندو هو؟ عورتن جي ويزا ڪنهن لڳرائي؟ ايئرپورٽ جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪير کين وٺڻ آيو هو؟ اهي گاڏيون ڪنهن جون هيون،رضا ڊار سان ڪنهن فراڊ ڪيو؟پرڏيهي عورتن سان رضا ڊار جي ڪرپٽو ۾ ڏيتي ليتي،ڪڏهن،ڪٿي ٿي هئي،اصل ۾ ڇا ٿيو هو؟انهن پرڏيهي عورتن سان ڊار کان علاوه ڪيترن پاڪستانين سان فراڊ ڪيو؟جڏهن عورتون ايئرپورٽ وڃي رهيون هيون ته ان وقت صورتحال کي ڪنهن غلط طريقي سان هينڊل ڪيو؟سوال اهو به آهي ته ياسر شامي کي سي سي ٽي وي فوٽيجز ڪنهن فراهم ڪيون؟ياسر شامي اسٽيبلشمينٽ نواز اينڪر طور ڄاتو وڃي ٿو،اهي به خبرون آهن ته ڊي آءِ جي فيصل ڪامران غازي روڊ تي واپارين جي ملڪيتن تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جا فوٽيج غائب ڪرڻ لاءِ ڊي وي آرز ضبط ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا هئا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 06 جولاءِ 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like