ڪراچي/ حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان/ پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، سکر، خيرپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد (نوابشاهه)، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، گھوٽڪي، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، بدين، ٺٽو ۽ سجاول سميت سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي عوام دشمن پاليسين، سنڌ جي وسيلن تي قبضي، وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ معاشي بحران خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، احتجاجي مظاهرن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن، هارين، مزدورن، شاگردن، وڪيلن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي مھانگائي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف اولڊ ڪئمپس حيدرآباد کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو،ـ امير آزاد پنھور ، آفتاب خانزادي ۽ ٻين ڪئي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊز , بينر کنيل ھئا ۽ ھو حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا ھئا، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ سنڌ جي قومي، معاشي ۽ آبي حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو، مظاهرن کي خطاب ڪندي پارٽي اڳواڻن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جون غلط معاشي پاليسيون ملڪ کي سنگين بحران ڏانهن ڌڪي رهيون آهن، روز بروز وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب عام ماڻهو جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، جڏهن ته حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ معاشي بار وجهي رهيا آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز جي پگهارن ۽ پينشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، پيٽرول جي قيمت گهٽائي 200 رپيا في لٽر مقرر ڪئي وڃي، بجلي ۽ گئس جا اگهه فوري طور گهٽائي لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو آندو وڃي، سرڪاري نوڪرين ۾ مڪمل ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان بحال ڪري شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، سنڌ حڪومت پاران سنڌ جا 300 ارب رپيا وفاق حوالي ڪرڻ سنڌ جي معاشي حقن تي کليل حملو آهي، ساڳئي ريت چناب ڊيم، چولستان ڪئنال ۽ جيهلم لنڪ جهڙن منصوبن ذريعي سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي سنڌ جو باشعور عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي، آئين تحت سنڌ جا مالي، آبي ۽ انتظامي حق بحال ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي مالڪي کي يقيني بڻايو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن فيصلا فوري طور واپس نه ورتا ويا ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪندي ۽ عوام سان گڏ جمهوري ۽ آئيني جدوجهد جاري رکندي، هنن چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن پنهنجا ڪيل غلط فيصلا واپس نه ورتا ته ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.