واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران ويجهي مستقبل ۾ آمريڪا ۾ ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم نيتن ياهو ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جمعي ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ڳالهه ٻولهه دوران اسرائيلي وزيراعظم صدر ٽرمپ کي آمريڪا جي قيام جي 250هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته آمريڪا دنيا ۾ آزادي جو ضامن آهي، جڏهن ته اسرائيل ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو.
بيان موجب، وزيراعظم نيتن ياهو ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جلد آمريڪا ۾ ملاقات ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.
You might also like