تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي خبردار ڪيو آهي ته آبناءِ هرمز خطي کان ٻاهرين طاقتن جي فوجي طاقت جي مظاهري جو ميدان ناهي.
هن جو اِهو بيان برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي ان گڏيل بيان کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ آبناءِ هرمز ۾ جهازن جي آزاداڻي اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهڻ ملڪي فوجي مشن جي مقرري جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
ڪاظم غريب آبادي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾چيو آهي ته ايران هڪ ذميوار طاقت ۽ آبناءِ هرمز جي سلامتي جو ضامن آهي ۽ ان آبي لنگهه ۾ ڪنهن به فوجي حرڪت بابت خبردار ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته آبناءِ هرمز جي سلامتي جي ذميواري سامونڊي پٽي وارين رياستن تي لاڳو ٿئي ٿي، جڏهن ته بحران پيدا ڪندڙن کي پنهنجي مهم جوئيءَ جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هي هڪ سنجيده چتاءُ آهي.