واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته واشنگٽن ايران کي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ، شهيد آيت الله علي خامنه اي جي تدفين لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني آهي، ڇو ته ”اسان سٺا ماڻهو آهيون.“
واضح رهي ته ايران جو اڳوڻو سپريم ليڊر ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن دوران شهيد ٿي ويو هو.
جمعي جي رات مائونٽ رشمور ۾ آمريڪا جي قيام جي 250هين سالگرهه وارين تقريبن کي خطاب ڪندي ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران آمريڪا سان معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿو.
هن دنيا ۾ آمريڪي فوجي برتري جو حوالو ڏيندي چيو ” اسان هڪ ئي ڏينهن ۾ وينزويلا کي شڪست ڏني ۽ ايران کي به سخت نقصان پهچايو آهي، هو معاهدو ڪرڻ لاءِ بي چين آهن، هو شدت سان هن معاملي کي حل ڪرڻ چاهين ٿا.“
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ”اسان کين (شهيد آيت الله علي خامنه اي ۽ سندس ڪٽنب جي) تدفين لاءِ هڪ هفتو ڏنو آهي، ڇو ته اسان سٺا ماڻهو آهيون.“
”اسان سٺا ماڻهو آهيون“ ايران کي شهيد آيت الله خامنه اي جي تدفين لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني آهي: ڊونلڊ ٽرمپ
You might also like