لاهور (ويب ڊيسڪ)اداڪارا ۽ ميزبان ندا ياسر اترين علائقن ۾ صفائي جو خيال نه رکندڙ سياحن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ ندا ياسر ملڪ جي اترين علائقن ۾ گهمڻ سير لاءِ وئي هئي، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي مارننگ شو ۾ ڪيو.
ندا ياسر پنهنجي پروگرام ۾ ٻڌايو ته مون پهرين ڀيرو ٽريڪنگ ڪئي، روزانو ورزش نه ڪندڙن لاءِ ٽريڪنگ تمام ڏکيو ڪم آهي.
هن چيو ته مون ساڍا چار ڪلاڪ ٽريڪنگ ڪئي، جنهن ۾ جبل تي چڙهڻ ۽ لهڻ ٻئي شامل آهن، اِها ڏاڍي خوبصورت جاءِ آهي، لڳي پيو ته ڄڻ جنت جو ڪو ٽڪرو هجي.
هن چيو ته ان خوبصورت جاءِ تي تمام گهڻي گندگي هئي، مان ماڻهن کي چونديس ته اهڙن ماڳن اسان کي صاف رکڻو آهي، پلاسٽڪ جو ڪچرو ڏسي ڏک ٿيو.
ندا ياسر وڌيڪ چيو ته مري ۾ به پلاسٽڪ جو ڪچرو هو، ايتري خوبصورت جاءِ الله تعاليٰ ڏني آهي ته ان جي قدر ڇو نه ٿا ڪريون؟ جيڪڏهن اسان قدر نه ڪنداسين ته سياحت کي هٿي ڪيئن ملندي ۽ معيشت ڪيئن وڌندي؟ ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو؟