ڪراچي-پشاور ريلوي منصوبي ”ايم ايل ون“ کي سي پيڪ مان ڪڍيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان پشاور تائين ريلوي اپ گريڊيشن جو اهم منصوبو ايم ايل ون سي پيڪ مان نڪري ويو آهي.
اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري طرفان سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي ته چين سان ايم ايل ون جي فنانسنگ جا معاملا طئي نه ٿي سگهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هاڻي ان منصوبي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان فنانسنگ حاصل ڪئي پئي وڃي، 7.5 ارب ڊالر جي منصوبي جي پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي کان روهڙي مين لائن کي بهتر بڻايو ويندو.
سيڪريٽري موجب، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ان منصوبي تي ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ سان به سيڙپڪاري بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي.

You might also like