فرانس ۾ قهر جي گرمي، هفتي اندر ٻه هزار کان وڌيڪ شهري حياتيون وڃائي ويٺا

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جي صحت واري وزير انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ شديد گرمي جي لهر سبب هڪ هفتي اندر 2 هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، فرانسيسي وزير صحت جو چوڻ آهي ته شديد گرمي جي لهر سبب فرانس ۾ فوتگين جو انگ 2025 ٿي ويو آهي، جڏهن ته انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 12 سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن ۾ فوتگين جي شرح وڌيڪ آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، گذريل هفتي گرمي سبب فرانس، بيلجيئم ۽ نيڌرلينڊز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3700 فوتگيون ٿيون آهن.
رپورٽ موجب، گذريل هفتي شديد گرمي سبب بيلجيئم ۾ 1200 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته رڪارڊ ٽوڙ گرمي ۽ هيٽ ويو سبب نيدرلينڊز ۾ 480 فوتگيون رپورٽ ٿيون.

 

You might also like