اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عالمي بئنڪ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڌارن جي سفارش ڪندي چيو آهي ته قرضن جي ادائيگي، سماجي تحفظ، بنيادي ڍانچي، سلامتي ۽ ماحولياتي تحفظ سميت اهم قومي منصوبن ۽ شعبن جا مالي بار وفاق ۽ صوبا گڏجي برداشت ڪن.رپورٽن موجب ورلڊ بينڪ زرعي آمدني تي اثرائتو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ملڪيت تي ٽيڪس جو هڪجهڙو نظام نافذ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو آهي.وفاقي مالياتي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۽ اضافي مالي مراعتن کي ڪارڪردگي، شفافيت، مالي نظم و ضبط ۽ بهتر عوامي خدمتن سان ڳنڍڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب قرضن جي ادائيگي، بنيادي ڍانچي، سماجي تحفظ، سلامتي ۽ ماحولياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل سهڪار کي ضروري قرار ڏنو ويو آهي.ترقي لاءِ مضبوط وفاقي مالياتي نظام بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ صوبن جون ذميواريون ۽ آمدنيون وڌيون آهن، پر قومي مالياتي نظام جون بنيادي ڪمزوريون اڃا تائين برقرار آهن.رپورٽ موجب وفاقي خرچن ۾ ڪا نمايان گهٽتائي نه آئي آهي، جڏهن ته 2010ع کان 2024ع تائين صوبائي آمدني 4 سيڪڙو مان وڌي 6.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ان جي ابتڙ مقامي حڪومتن جا خرچ 10 سيڪڙو کان گهٽجي رڳو 5 سيڪڙو تائين محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته مالي نظم و ضبط، آمدني وڌائڻ ۽ صحت، تعليم سميت عوامي خدمتن جي فراهمي جا چئلينج اڃا به موجود آهن.ورلڊ بئنڪ موجب صوبن وٽ موجود اضافي مالي وسيلن مان لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو پگهارن ۽ پينشن جهڙن جاري خرچن تي خرچ ٿي وڃي ٿو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ زراعت جو حصو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، پر ان جو وڏو حصو اڃا تائين ٽيڪس جي دائري کان ٻاهر آهي. ان ڪري زرعي آمدني تي ٽيڪس جي اثرائتي نفاذ ۽ ملڪيت تي ٽيڪس جي هڪجهڙي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.ورلڊ بينڪ موجب پاڪستان ۾ ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جو تناسب 9.9 سيڪڙو آهي، جيڪو علائقي ۾ سڀ کان گهٽ شرحن مان هڪ آهي. مقابلي طور ايٿوپيا ۾ اهو تناسب 10.2 سيڪڙو، انڊونيشيا ۾ 10.3 سيڪڙو، مصر ۽ ميڪسيڪو ۾ 12.6 سيڪڙو، ويٽنام ۾ 14.3 سيڪڙو، ڀارت ۾ 16.8 سيڪڙو ۽ ترڪي ۾ 17.5 سيڪڙو آهي.رپورٽ ۾ پاڪستان جي ٽيڪس نظام کي وڌيڪ هڪجهڙو بڻائڻ ۽ جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) جي نظام ۾ هم آهنگي آڻڻ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي.