نڪاح بابت وڊيو بيان، توثيق حيدر ۽ فرح سعديه خبر بريڪ ڪندڙ کان سلامي گهري ورتي!

پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور ميزبان ۽ اداڪار توثيق حيدر ۽ اداڪارا فرح سعديه سوشل ميڊيا تي هلندڙ پنهنجي نڪاح بابت افواهن بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

ان حوالي سان توثيق حيدر ۽ فرح سعديه مزاحيه انداز ۾ چيو ته، ”ته پوءِ اسان ته خوشيءَ سان شادي به ڪري چڪا آهيون! اسان پاڻ اها خوشخبري توهان تائين پهچائڻ چاهيندا هئاسين، پر افسوس جو اسان جي ناليوارن پيشيور ۽ تمام محنتي يوٽيوبرن اسان کان اڳ ئي اها خبر ’بريڪ‘ ڪري ڇڏي“

تازو ئي فرح سعديه ۽ توثيق حيدر هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هنن چيو ته ڪجهه يوٽيوبرز رڳو وڌيڪ ويُوز حاصل ڪرڻ ۽ سنسني پکيڙڻ لاءِ اهڙيون بي بنياد ۽ ڪوڙيون خبرون هلائي رهيا آهن.

توثيق حيدر وڌيڪ چيو، ”جڏهن مان صبح جو اٿيس ته خبر پئي ته منهنجي فرح سان شادي ٿي چڪي آهي. شاديءَ جي تصوير به ڏاڍي زبردست هئي. مان تمام سهڻو گهوٽ لڳي رهيو هوس، ۽ اسان کي گهوٽ ۽ ڪنوار بڻائي پيش ڪيو ويو هو. جيڪڏهن توهان هن خبر مان ٻه لک رپيا ڪمائي ورتا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه هزار رپيا سلامي ته موڪليو، آخر اسان جي ڪري ئي توهان ايتري آمدني حاصل ڪري رهيا آهيو، تنهنڪري اهو هڪ سٺو ڪاروباري معاهدو به ٿي سگهي ٿو.”

هن وڌيڪ چيو، ”اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ خوش آهيون. مون غير شادي شده رهندي اهو سکيو آهي ته شادي نه ڪرڻ ئي بهتر آهي، جڏهن ته فرح شادي ڪرڻ کان پوءِ اهو سکيو ته اها اسان لاءِ مناسب نه هئي“.

فرح سعديه به هن معاملي تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو، ”جڏهن مون اها خبر ٻڌي ته مان حيران رهجي ويس، مون کي ته يقين ئي نه آيو. انهن کي اسان کي به سلامي ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هو اسان بابت ڪوڙيون خبرون هلائي پنهنجا چينل هلائي رهيا آهن. اهو مناسب رويو ناهي. اسان جون به فيمليون، ٻار ۽ والدين آهن ۽ ماڻهو اسان کان ان بابت سوال پڇن ٿا“.

هن وڌيڪ چيو، ”مهرباني ڪري ذميواريءَ جو مظاهرو ڪريو. ٻين ماڻهن جي ذاتي زندگيءَ بدران پنهنجي زندگيءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيو. اسان سٺا دوست آهيون ۽ هميشه دوست ئي رهنداسين“.

You might also like