بحرالڪاهل دنيا جو سڀ کان وڏو سمنڊ آهي ۽ ان ۾ گم ٿي وڃڻ جو مطلب موت هوندو آهي.
پر ڪڪ ٻيٽن (Cook Islands) سان تعلق رکندڙ هڪ خوش نصيب مهاڻو اهڙي هيانءُ صورتحال مان جيئرو بچي نڪتو.
جونيئر اپيوٽا اپيوٽا نالي هي مهاڻو اٺن ڏينهن تائين پنهنجي خراب ٿيل ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو بحرالڪاهل جي پاڻيءَ ۾ ڀٽڪندو رهيو.
ان دوران هن سخت ٿڌ به برداشت ڪئي ۽ کيس اها به خبر نه هئي ته هو ٻيهر پنهنجي گهرڀاتين کي ڏسي سگهندو يا نه. هو مڇي مارڻ لاءِ پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ نڪتو هو، جنهن ۾ تمام ٿورو سامان موجود هو.
هن جي تڪليفن جي شروعات 11 جون تي ٿي، جڏهن هو پنهنجي اباڻي ٻيٽ پوڪاپوڪا (Pukapuka) تي والي بال جو ميچ کيڏي، مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ڏانهن روانو ٿيو.
ان وقت هوا تمام تيز هئي ۽ هو سمنڊ جي مٿان اڏندڙ پکين جو پيرو کڻندو سمنڊ ۾ اڳتي نڪرندو ويو، ڇاڪاڻ ته اهو ان ڳالهه جو اشارو هوندو آهي ته ويجهو مڇين جو وڏو جهنڊ موجود آهي.
انهيءَ دوران سندس ٻيڙيءَ جو انجڻ خراب ٿي پيو. ان وقت تائين هو ڪجهه مڇيون پڪڙي چڪو هو، پر اوندهه به ٿي وئي هئي.
جونيئر اپيوٽا وٽ انجڻ ٺاهڻ لاءِ ڪي به اوزار موجود نه هئا ۽ هوا جي رفتار به لڳاتار وڌندي پئي وئي.
سندس چوڻ موجب ”ان وقت مون سوچيو ته پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي ٻيٽ ڏانهن ترندو وڃان، پر مون کي خبر هئي ته اهو ممڪن ناهي، تنهنڪري مان ٻيڙيءَ ۾ ئي رهيس“.
ڏکڻي کي ڏُک به گهڻا سندس ٻيڙي لهرن سان گڏ وهي ٻيٽ کان پري ٿيندي وئي ۽ پهرين رات کيس سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪري ۽ پنهنجي جان ڪيئن بچائي.
ايندڙ ڏينهن ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون ويون، ڇو ته سمنڊ جون لهرون وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويون، سخت ٿڌ ۽ لڳاتار پوندڙ مينهن سندس حال هيڻا ڪري ڇڏيا.
سمنڊ جون وڏيون لهرون لڳاتار ٻيڙيءَ سان ٽڪرائبيون رهيون، تنهنڪري لهرن ۾ ڪري پوڻ کان بچڻ لاءِ هو ٻيڙيءَ جي تري تي ليٽي پيو.
هن ٻڌايو، ”لهرون تمام وڏيون هيون ۽ مان طوفاني سمنڊ ۾ ترندڙ ٻيڙيءَ جو توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس ۽ ٻيڙيءَ ۾ ڀرجي ويندڙ پاڻي ٻاهر اڇلائيندو رهيس“.
سندس ٻيڙيءَ ۾ پاڻي جون ٻه بوتلون، هڪ بالٽي، مڇي مارڻ جو سامان، هڪ چادر ۽ هڪ پورٽيبل ڪولر موجود هئا.
جيئرو رهڻ لاءِ هن ڪچي مڇي کاڌي، جڏهن ته مينهن جو پاڻي بالٽيءَ ۾ گڏ ڪري پيئندو رهيو.
ٿڌ کان بچڻ لاءِ هن چادر ۽ ڪولر جو استعمال ڪيو. سندس چوڻ هو، ”رات جو مان ڪجهه به نه ڪري سگهندو هوس، ڇاڪاڻ ته ٿڌ سبب مون کي لڳندو هو ڄڻ مان ڄمي ويو آهيان“
ايتري تڪليف باوجود همراهه همت نه هاري. ٽئين ڏينهن هن پري هڪ روشني ڏٺي ۽ ٻيڙيءَ کي ان روشني ڏي ڪاهي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تيز هوا ٻيڙيءَ کي انکانپوءِ ابتي پاسي ڌڪي ڇڏيو.
اٺين ڏينهن هن هڪ جهاز جو آواز ٻڌو ۽ پاڻ چيائين ته، ”شايد هي منهنجي مدد لاءِ آيو آهي“.
اهو نيوزيلينڊ ايئر فورس جو جهاز هو، جنهن سندس ٻيڙي ڏسي ويجهو موجود مهاڻن جي ٻيڙين کي اطلاع ڏنو.
جلد ئي تائيوان جو هڪ جهاز اتي پهتو ۽ جونيئر اپيوٽا کي بچائي ورتو.
هن کي جهاز تي آڻي وهنجاريو ويو، کاڌو ڏنو ويو ۽ پوءِ سندس گهرڀاتين سان رابطو ڪرايو ويو.
هن سڀ کان پهرين پنهنجي گهرواري سان ڳالهه ڪئي ۽ سندس وات مان نڪتل پهريون جملو هو ته: ”جان، مان ٺيڪ آهيان“.
انکانپوءِ ۾ کيس نيوزيلينڊ منتقل ڪيو ويو، جتان هو تمام جلد پنهنجي گهر واپس ويندو.
سندس چوڻ آهي ته هو مڇي مارڻ جو پيشو جاري رکندو، پر هاڻي اڳ کان گهڻو وڌيڪ احتياط ڪندو.