ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ اقليتين بابت ٺهيل ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، آءِ جي سنڌ شريڪ نه ٿيو، سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته پوليس کي اڄ تائين مهلت ڏني وئي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اقليتي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سڀ پهريان هتي سينيٽ ڪميٽي جا ميمبر پهتا آهن انهن کي ڀليڪار ڪيون ٿا، اقليتي برادري جا جيڪي مسئلا آهن انهن بابت سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي هميشه فوڪس رکيو آهي، اڄ نه گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وٺي توهان اقليتن جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو هڪڙو مقابلو آهي اسان کي هدايتون آهن سنڌ حڪومت جون، وڏي وزير جون ۽ پارٽي جي اعليٰ قيادت جون ته اسان پنهنجي برادري سان، ان جا جيڪي مسئلا آهن انهن تي انهن سان رابطا ۾ رهون، قدرتي طور تي ڪجهه اهڙا اشو ٿين ٿا جيئن پريا ڪماري جي حوالي سان، ان اوهان کي ياد هوندو ته جنهن وقت اشو مٿي اڀري آيو، وزيراعليٰ هائوس ۾ پريا جي والدين سان گڏجاڻي ٿي، ان کان پوءِ جي آءِ ٽي ڪميٽي ٺهي، جي آءِ ٽي پنهنجون تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون پر منزل تي پهچڻ گهرجي جيڪي نتيجا ملڻ کپن بدقمستي سان اهي نتيجا ۽ منزل ناهي ملي سگهي، هاڻ ته دعا ٿا ڪريون ته نياڻي خير خيريت سان موٽي اچي، ان ۾ سڀني جي گڏيل عزت آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته آءِ جي سنڌ جي جاءِ تي ٻيا جيڪي پوليس جا آفيسر آهن انهن نمائندگي ڪئي آهي، سڀاڻي وري به اڄ جون جيڪي ايجنڊائون آهن انهن تي گڏجاڻي آهي، جيڪي به اقليتن جا مسئلا آهن انهن تي اهم فيصلا ٿيندا، اسان اميد ٿا ڪريون ته اسان جا ذميوار آفيسر ڪم ڪري ڏيکاريندا، ميڊيا جي نمائندن جي به مهرباني آهي ته اسان اقيلتي برادري جي مسئلن کي فوڪس ڪندا آهيو، حڪومت ۽ اسان سنجيده آهيون ته جيترو جلد ٿي سگهي نياڻي واپس اچي وڃي، سينيٽر دنيش ڪمار جو چوڻ هو ته اڄ پوليس جي تياري نه هئي، اڳ ۾ ئي ٻڌايو ويو ته سينيٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، اسان کي خاطري ڪرائي وئي ته سڀاڻي پوليس تياري ڪري ايندي، آءِ جي سنڌ اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو، سنڌ حڪومت پريا معاملي تي سنجيده نه ٿي ته هر قسم جا ٽول استعمال ڪنداسين، اسان وٽ ٻيا به رستا هئا، اسان آءِ جي سنڌ ۽ ٻين آفيسرن کي اسلام آباد به گهرائي پڇا ڪري سگهون پيا پر ڪابينا جي ميمبر جي خاطري بعد سڀاڻي تائين هنن کي مهلت ڏني وئي آهي، هيڏو وڏو معاملو آهي، پريا ڪماري جي معاملي جي ڪري اسان جو نڪ وڍجي چڪو آهي، اسان هڪ ننڍڙي ٻارڙي کي آزاد نٿا ڪري سگهون ته اسان جي لاءِ شرم جي ڳالهه آهي.