فيفا ورلڊ ڪپ: ڪيپ ورڊي جي تاريخي ڪاميابي تي چُٽو لڳي ويو ، ڪپتان مٿان لڄالٽ جو الزام

پرائيا (ويب ڊيسڪ)فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچي ٿرٿلو مچائيندڙ ٽيم ڪيپ ورڊي جي تاريخي ڪاميابي ڪپتان مٿان لڳل ريپ جي سنگين الزام سبب داغدار ٿي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽيم جي 36 ورهين جي ڪپتان ريان مينڊس مٿان هڪ برازيلين عورت مترجم پاران سنگين الزام هنيو ويو آهي.
مترجم عورت جو چوڻ آهي ته ريان مينڊس مارچ ۾ نيوزيلينڊ جي هڪ هوٽل ۾ زبردستي سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ تشدد بعد ساڻس ريپ ڪيو.
ياد رهي ته آفريقا جي اولهندي سامونڊي پٽيءَ ويجهو موجود ننڍڙو ملڪ ڪيپ ورڊي، ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ جاءِ ٺاهيندڙ سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي، جيڪو هن ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڏو سرپرائز ثابت ٿيو آهي.

You might also like