باقر قاليباف جو اياز صادق کي خط، سپريم ليڊر جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ايران جي مجلس شوراءِ اسلامي جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.

محمد باقر قاليباف، اياز صادق جي نالي خط لکي کيس ايران ۾ ٿيندڙ آيت الله علي خامنه اي جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي تعزيتي تقريب 3 جولاءِ 2026ع تي تهران ۾ ڪوٺائي ويندي.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ايراني اسپيڪر پاڪستان جي عوام، اسپيڪر اياز صادق ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۽ ڀائيوار لاڳاپن کي به ساراهيو.

پڌرائي موجب محمد باقر قاليباف، آيت الله علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عزت، وقار ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.

You might also like