اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي، آءِ سي سي ڪواليفائنگ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ۽ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي (آءِ او سي) لاس اينجلس 2028 اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ ڪواليفائنگ نظام جو باظابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ان سان گڏ پهريون ڀيرو آءِ سي سي اولمپڪس ڪواليفائر ٽورنامينٽ متعارف ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، لاس اينجلس 2028 اولمپڪس ۾ مردن ۽ عورتن جي ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ ڇهه، ڇهه ٽيمون حصو وٺنديون، جڏهن ته آفريڪا، ايشيا، يورپ ۽ اوشيانا مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ، هڪ ٽيم جي نمائندگي يقيني بڻائي ويندي.
آءِ سي سي موجب، پنج ٽيمون موجودا عالمي ٽورنامينٽس ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جي بنياد تي ڪواليفاءِ ڪنديون، جڏهن ته آخري پوزيشن 2027ع ۾ ٿيندڙ نئين آءِ سي سي اولمپڪس ڪواليفائر ذريعي ڏني ويندي.
انگلينڊ ۾ جاري وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي نتيجن کانپوءِ آسٽريليا، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ جون وومينز ٽيمون اولمپڪس ۾ پنهنجي جاءِ پَڪي ڪري چڪيون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي پنهنجي کنڊن جون ڪامياب ۽ اهل ٽيمون رهيون آهن.
آءِ سي سي واضح ڪيو آهي ته ويسٽ انڊيز، جيڪا ڪيئي ڪيريبين ٻيٽن/مُلڪن جي گڏيل ڪرڪيٽ ٽيم آهي، اولمپڪس ۾ سڌيءَ ريت شرڪت جي اهل نه هوندي، ڇو جو اها ڪنهن هڪ قومي اولمپڪ ڪميٽي جي نمائندگي نٿي ڪري.
بهرحال، جيڪڏهن ويسٽ انڊيز سان لاڳاپيل ٽيمون مقرر مدي تائين ٽاپ ايٽ رينڪنگ ۾ شامل رهيون ته هڪ الڳ ڪيريبين ڪواليفائر ڪرايو ويندو، جنهن ذريعي خطي جي نمائندگي ڪندڙ هڪ ٽيم چونڊي ويندي.
ميزبان ملڪ آمريڪا به مخصوص شرطون پوريون ڪرڻ جي صورت ۾ مردن ۽ عورتن ٻنهي مقابلن ۾ سڌيءَ ريت شرڪت جو اهل هوندو، جڏهن ته آخري ڪواليفائنگ مرحلي ۾ اٺ، اٺ ٽيمون حصو وٺنديون.
آءِ سي سي چيئرمين جئه شاهه چيو آهي ته اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي راند لاءِ هڪ تاريخي موقعو آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي مقبوليت وڌائڻ ۽ نون شوقينن تائين راند کي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

 

You might also like