ويجهن ڏينهن ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه طئي ناهي: ايراني پرڏيهي وزارت

تھران(ويب ڊيسڪ)ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ويجهن ڏينهن ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهين جو شيڊول طئي نه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ايراني فني وفد هن هفتي دوحا جو دورو ڪندو، پر ان جو آمريڪي عملدارن جي دوري سان ڪو به تعلق نه هوندو.

ترجمان موجب ايران اڃا تائين حتمي معاهدي لاءِ ڳالهين جي شروعات ناهي ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ مفاهمتي يادداشت جي ڪجهه اهم شقن تي عملدرآمد ضروري آهي، جيڪا هن وقت ايران جي اولين ترجيح آهي.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران ملاقات جي درخواست ڪئي آهي ۽ ايران جي درخواست تي ملاقات دوحا ۾ ٿيندي.

انکانپوءِ وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا خاص نمائندا اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ايران سان متوقع اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

You might also like