نااهل شخص ملڪ جي ترقي روڪي ڇڏي:احسن اقبال

لاهور(عوامي آواز نيوز) وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال چيو آهي ته هڪ نااهل شخص ملڪ جي ترقيءَ جو سفر روڪي ڇڏيو ۽ ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائيندڙ شخص ئي حقيقي معنيٰ ۾ نااهل هو.لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن جنگبندي نه ٿئي ها ته سڄي دنيا ۾ معاشي بحران پيدا ٿي سگهي ها.احسن اقبال چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل تاريخي سفارتي محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ بهترين سفارتڪاري سبب جنگبندي ممڪن ٿي. هن چيو ته خطي ۾ امن قائم رهڻ سان ئي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رهي سگهي ٿو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان دفاعي محاذ تي ڪاميابي کانپوءِ سفارتي محاذ تي به اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

You might also like