ڪوئيٽا(بيورو)بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ هڪ خاندان سان پيش آيل واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي.گهرو وزير چيو ته معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ انسانيت جي خلاف عمل آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن جي سامهون سندن والد کي قتل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ بهادري نٿي چئي سگهجي.مير ضياءُ الله لانگو واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪندي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته شهرين جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ متاثر خاندان کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو.سندس چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، جڏهن ته زخمي عورت کي ڪراچي ۾ طبي علاج فراهم ڪيو پيو وڃي.گهرو وزير وڌيڪ چيو ته مهمانن کي هن ريت نشانو بڻائڻ بلوچستان جي روايتن ۽ قدرن جي ابتڙ آهي.