آزاد ڪشمير ۾ حالتون ان حد تي ڪيئن پهتيون؟ محمود اچڪزئي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته اسان جي دوست لبيڪ وارن کي به ماريندئو،بلوچن کي به ماريندئو،پشتونن کي به ماريندئو،انهن کي رت جي چوس ٿي وئي آهي،هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حالت ڇو پهتي؟مون حافظ نعيم الرحمان کان پهريون سوال اهو ئي ڪيو هو ته آخر نوبت اتي ڇو پهتي؟هن چيو ته ٻين ماڻهن جي باري ۾ ته اهو تاثر ٿي سگهي ٿو ته اهي بندوق جا ڌڻي،دهشتگرد يا مارڪٽ وارا آهن، پر ڪشميري ته وڏا شريف النفس ماڻهو هئا،اهي ان نهج تي ڪيئن پهتا ته توهان کي انهن خلاف يا انهن کي توهان جي خلاف ايترو سخت موقف اختيار ڪرڻو پيو،هن چيو ته اسان کان جيڪو ٿي سگهيو امداد يا سهڪار اهو اسان توهان سان ڪنداسين،هن چيو ته اسان جي خواهش هئي ته اسان پاڻ وڃي ايڪشن ڪميٽي وارن کان ٻڌون ته اصل قصو آهي ڇا؟هن چيو ته الله هن ملڪ تي رحم ڪري،پر رحم لاءِ هڪ خاص ماحول گهربل هوندو اهي،جنهن لاءِ اسان سڀني کي توبهه ڪرڻ گهرجي،شهبازشريف کان وٺي جنرلن تائين،جنرلن کان وٺي حافظ ڀائي ۽ مون تائين اسان سڀني کي توبهه ڪرڻ گهرجي،

You might also like