مودي آبي دهشتگردي ڪرڻ چاهي ٿو، اسان جي پاڻي ڏانهن هٿ وڌائيندڙ جو هٿ ڪپي ڇڏينداسين: مصدق ملڪ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلين بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته نريندر مودي پاڪستان خلاف آبي دهشتگردي ڪرڻ چاهي ٿو، پر اسان خبردار ڪريون ٿا ته جيڪو به اسان جي پاڻي ڏانهن هٿ وڌائيندو، ان جو هٿ ڪٽي ڇڏينداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اهي نه رڳو پاڻيءَ ۾، پر هوا ۾ به دشمن کي پڪڙڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
هن چيو ته اسان وٽ ته انڊس واٽرز ٽريٽي (پاڻي جو معاهدو) موجود آهي، پر جن ملڪن وٽ ڪو معاهدو ناهي، اتي به پاڻي پنهنجو رستو ٺاهي وهندو رهي ٿو.
وفاقي وزير سوال اُٿاريو ته ڇا دنيا ۾ ڪڏهن پاڻي، هوا يا خوشبوءَ جي وهڪري کي روڪي سگهجي ٿو؟ هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي حقن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.

 

You might also like