ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سمورن واهپيدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجو واٽس ايپ نمبر فوري طور تي پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ۽ فعال سم سان ڳنڍين.
پي ٽي اي واضح ڪيو آهي ته جيڪي واٽس ايپ اڪائونٽس غير فعال، بلاڪ ٿيل، ڊي ايڪٽيويٽ ٿيل يا غير رجسٽرڊ سم سان ڪنيڪٽڊ آهن، اهي جلد ئي بند ٿي سگهن ٿا يا انهن تائين پهچ ختم ٿي سگهي ٿي.
پي ٽي اي واهپيدارن کي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجي اڪائونٽ کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي سم کي فعال رکڻ کي يقيني بڻائين.