چاغي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ مائننگ سائيٽ تي حملي دوران اغوا ٿيل پرڏيهي شهري کي ٻن مهينن بعد بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي سينيئرآفيسر جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب هلندڙ سال اپريل ۾ چاغي جي علائقي داريگوان ۾ واقع مائننگ سائيٽ تي حملي دوران ترڪي سان تعلق رکندڙ ڊرلر صالح گل جمال کي هٿياربند ماڻهن اغوا ڪري ورتو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوي پرڏيهي شهري کي ٽي ڏينهن اڳ مستونگ مان بازياب ڪرائي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد کيس ڪراچي رستي ترڪي روانو ڪيو ويو، ٻئي طرف هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد وسيم جو تشدد ٿيل لاش قلات جي علائقي توڪ مان هٿ آيو، پوليس ذريعن موجب محمد وسيم کي 20 مئي تي ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندي قلات جي علائقي محمد تاوا ويجهو هٿياربند ماڻهن اغوا ڪري ورتو هو، ذريعن مطابق محمد وسيم زوب ايئرپورٽ تي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو هو، لاش هٿ اچڻ بعد پوسٽ مارٽم ۽ ٻين قانوني ڪاررواين کان پوءِ مڙهه ڪراچي روانو ڪيو ويو.