ڪراڪس/اسلام آباد (م ڊ/ بيورو) وينزويلا ۾ لڳاتار آيل طاقتور زلزلي جي لوڏن وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌي 167 ٿي ويو آهي ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، رپورٽن موجب پهريون زلزلو 7.1 شدت جو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان ڪجهه منٽن بعد 7.5 شدت جو ٻيو زلزلو آيو. زلزلي سبب عمارتون سخت نموني لڏي ويون، زلزلي جي نتيجي ۾ گادي واري شهر ڪاراڪس سميت مختلف شهرن ۾ درجنين عمارتون تباهه ٿي ويون، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ملبي هيٺ ڦاٿل هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، وينزويلا جي قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز زلزلي کي قومي سانحو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪيترين ئي عمارتن کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ڪاراڪس جي مکيه مائيڪيتيا ايئرپورٽ کي به وڏو نقصان رسيو آهي، سرڪاري انگن اکرن موجب هيل تائين 167 ڄڻا فوت ۽ 970 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، حڪومت هنگامي حالت لاڳو ڪندي وڏي پيماني تي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، ٻئي پاسي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي اترين علائقن ۾ پڻ 5.6 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ لڳ ڀڳ ڏهه لک ماڻهن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي صدر آصف عيل زرداري وينزويلا ۾ زلزلي سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، صدر زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جا عوام وينزويلا جي عوام سان مڪمل يڪجهتي رکن ٿا ۽ هن ڏکئي وقت ۾ سندن ساٿ ۾ بيٺل آهن، صدر آصف زرداري چيو ته وينزويلا جا عوام بهادري سان هن وڏي سانحي کي منهن ڏيندا، ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پڻ وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي عوام جي طرفان وينزويلا جي حڪومت، عوام ۽ خاص طور متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، هن چيو ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون ۽ هن ڏکئي وقت ۾ سڀني متاثر ماڻهن سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا.