زندگيءَ تي جيترو به لکيو ويو آهي، لکيو وڃي ٿو يا لکيو ويندو، پر پوءِ به ايئن ئي لڳندو ڄڻ زندگيءَ تي ڪنهن ڪجهه به ڪو نه لکيو آهي.
زندگي معصوم ادائن سان ئي محسوس ٿئي ٿي. زندگيءَ جو ڪاٿو موت کان به گهرو ۽ گهاٽو آهي. زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ هڪ ڀيرو اکيون پوري ٿڌو ساهه ڀرڻو پوي ٿو. جيئڻ خاطر مرڻو پوي ٿو.
زندگي محبوبه جي پهرين ملاقات جي پهرين مرڪ ۽ ڀاڪر جهڙي آهي، جنهن جو لطف ڪڏهن به وسري نٿو سگهي. زندگيءَ جي ڳالهه ئي هلي رهي آهي ته زندگي گيت آهي، زندگي ساز آهي، زندگي خواب آهي، زندگي اها رنگين ڪائنات آهي جنهن جو محور درد ئي آهي.
ڪافي عرصي کان سنڌي ٻوليءَ جو ناول نگار، شاعر علي صفدر بيماري ۾ مبتلا آهي. جنهن جو علاج سنڌ جي گڏيل شعور جي دانهن بعد سنڌ حڪومت طرفان ڪرايو پيو وڃي. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ثقافت کاتو فنڪارن ۽ شاعرن جو آهي، پوءِ انهن جي تڪليف ۾ پرگهور لھڻ کان قاصر ڇو آهي؟
رسوا ڪرڻ کان پوءِ مستحق غريب شاعرن فنڪارن کي علاج لاءِ لکت ۾ پنج لک لکي، هٿ ۾ لک روپيا ڏنو وڃي ٿو. اها سڌي ريت ناجائزي آهي. جيڪڏهن وقت تي علي صفدر جو علاج ڪرايو وڃي ها ته اڄ علي صفدر اسپتال جي بيڊ بدران پنهنجي زندگيءَ جي ڪرت سان مصروف هجي ها.
علي صفدر بيماريءَ جي باھ ڀريل بستري تي به پنهنجي لکيل ناول جا پروف ڏٺا، جيڪو سندس ناول "مرڪ” پبليڪيشن طرفان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي.
موت ۽ زندگي جو سفر
علي صفدر ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ جيڪو غزل علاج دوران لکيو آهي، ان تي ٻه اکر لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان:
موت آ مانگر، ڪهڙو اٽڪن مانگر ساڻ مهاڻا؟
خالي هڪڙو خالُ ڇڏي ٿو ماڻهو موت پڄاڻان!
موت کي مانگر مڇ سان ڀيٽڻ ئي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ آهي. جڏهن موت اچي ٿو، مانگر وانگر، ته ماڻهو مري وڃي ٿو پر هڪ خال ڇڏي وڃي ٿو. اهڙو خال جنهن کي ڀريندي ڀريندي وري ڪو ماڻهو خود ان ئي موت جو کاڄ ٿي وڃي ٿو. ڪيڏو نه موت ۽ زندگيءَ جو سفر اڙانگو آهي، ڪيڏيون نه حسرتون آهن، ڪيڏيون نه خواهشون آهن.
شيخ اياز به اهڙي ئي درد مان چيو هو:
سَوَ دَردَ هئا سَوَ دُکَ هئا، پر زندگي پياري هئي.
تنهائي جو درد
هاڻ ته تنهنجي وڙ، وڏائي هلندي ڳالهه به تنهنجي،
منهنجي ڪاڪ جي ڀيل ڪري تون ڪيئن نه رسندين راڻا!
مومل جي درد کي محسوس ڪندي شاعر پنهنجي حالتن ۾ ٻڏي تري لکي ٿو ته مون وٽ هاڻي ڪجهه به نه رهيو آهي. مون وٽ هاڻي اهي ڳوڙها به نه بچيا آهن جيڪي ڳاڙي پنهنجي تڪليف کي ٻڌائي سگهان ته مان اڪيلو نه آهيان. اهڙي ڪيفيت ۾ جڏهن محبوب به ڇڏي وڃي ته اهو درد وڏو درد ٿئي ٿو.
اڄ ته گلن جون ورکائون هن ـ اڄ ته قبر آ تازي،
ڪو ڏينهن ايندو ڪنهن ڏينهن ڏسندين هوندا ديپ اجھاڻا.
اهو درد فرد جو نه پر ڪائنات جي حقيقت آهي. جڏهن انسان مري وڃي ٿو ته مٽ مائٽ ۽ دوست ساٿي سڀ تازي قبر تي قل پڙهڻ لاءِ اچن ٿا. پوءِ هوريان هوريان قبر تي ٻرندڙ ڏيئو به وسامي وڃي ٿو ۽ رڻ وڃي رڻ سان ملي ٿو. اهو ئي درد احساس جو ڳاڙهو رستو ڏيکاري ٿو، ڏکائي ٿو ۽ لکائي ٿو.
ايندنِ جيئن نياپو تڪڙو، هي پڻ تڪڙيون اکڙيون،
ڳوڙهن،سپن،اوجاڳن جا کڻنديون ڏاج پراڻا.
ڇا ته استعارن جي برسات وسائي آهي! شاعر جو درد جو، تڪليف جو درد رشتن جو درد، ويڄن ۽ وارن جو درد، پنهنجن جو ۽ پيارن جو درد، ڪيترو مشاهدو آهي. اهو بند جڏهن سمنڊ جي ڪناري تي ويهي بند اکيون ڪري پڙهجي يا جهونگارجي ته پکين جون اکيون به آليون ٿي وينديون.
ويهه ته ڪاٿي ويهي کوليون پوءِ تعارف جو تاڪيو،
او تنهائي! تون ته ڪرين ٿي هلندي پنڌ پڇاڻاا.
وڏي ڪرب، وڏي تڪليف مان لکيل بند. شاعر پنهنجي تنهائيءَ کي چوي ٿو ته ڪٿي ساهه کڻڻ ڏي، ڪٿي ويهون پوءِ تعارف ڪرايان ٿو ته مان ڪير آهيان؟ هلندي سفر ۾ مون کان سوال نه ڪر، ڇو جو مان ٿڪجي پيو آهيان.
هر شاعر چنڊ ۽ مانيءَ ۾ فرق محسوس نه ڪيو آهي. علي صفدر به چنڊ جي بک محسوس ڪئي آهي. چنڊ کي چوي ٿو ته هيٺ لهي اچ ته گڏجي وڏا گرھ، وڏا لقما کائون ٿا. بيشڪ شاعر داخلي ۽ خارجي درد جي ٻن پڙن ۾ پيسبو رهي ٿو.
آخر ۾ حسن درس جي سٽ ياد اچي ٿي:
زندگي ڄڻ ساهه ۾ تڪليف آ،
پوءِ به پھرين پيارَ جهڙي ٿي لڳي
زندگي هر ڪنهن کي پياري آهي، زندگي هر ڪنهن کي مٺي آهي. محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ڌڻيءَ در دعا آهي ته مالڪ علي صفدر کي صحتياب ڪري. علي صفدر کي اڃان ڪيترو ئي سفر ڪرڻو آهي، لکڻو آهي، لڇڻو آهي، جيئڻو آهي، سڄڻ ۽ ساڻيهھ لاءِ.