شهيد بينظير جون جمهوريت لاءِ خدمتون تاريخ جو روشن باب آهن:زرداري/ گيلاني

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي پيغام جاري ڪيو، صدر آصف علي زرداري بينظير ڀٽو شهيد جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي خاص پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ خدمتون تاريخ جو روشن باب آهن، هن پنهنجي سياسي بصيرت ۽ جرئت سان جمهوريت جا نوان دڳ پيدا ڪيا، پاڪستان جي پهرين خاتون وزيراعظم عورتن جي قيادت لاءِ نوان دروازا کوليا، جڏهن ته هوءَ جمهوري استحڪام ۽ آئيني بالادستي جي مضبوط حامي رهي، بينظير ڀٽو هر  ڏکئي وقت ۾ جمهوري اصولن تي ثابت قدم رهي، آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو عوامي خدمت کي سياست جو بنيادي مقصد بڻايو ۽ سندس جدوجهد محروم طبقن جي ترقي لاءِ مشعل راهه آهي، هن تشدد واري سياست کي رد ڪري ڳالهين ۽ مفاهمت کي هٿي ڏني ۽ قيد توڙي جلاوطني باوجود پنهنجي موقف تي قائم رهي، بينظير ڀٽو جي زندگي حوصلي، قرباني ۽ ثابت قدمي جو مثال آهي ۽ قوم کيس جمهوريت، خدمت ۽ اميد جي علامت طور ياد رکندي، ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني بينظير ڀٽو شهيد کي سندس سالگرهه جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت، عوامي حقن ۽ آئين جي بالادستي جي روشن علامت هئي، هن جمهوري استحڪام ۽ عوامي خدمت لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، جڏهن ته سندس زندگي ۽ شهادت عظيم اسلامي ۽ جمهوري قدرن جي عڪاسي ڪري ٿي، يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوريت، آئيني بالادستي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ بينظير ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌايو ويندو، جڏهن ته سندس قربانيون پاڪستاني قوم لاءِ مشعل راهه آهن.

 

You might also like