بينظير ڀٽو جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان جي هميشه رهندڙ علامت هئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بي بي شهيد جو ويزن هڪ مضبوط وفاق، بااختيار وفاقي وحدتن ۽ آئين جي بالادستي تي ٻڌل هو. بلاول ڀٽو چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اهڙو سماج جو تصور، جتي هر ماڻهو کي عزت، برابري ۽ هڪجهڙا موقعا حاصل هجن، پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ مشعلِ راهه آهي.هن چيو ته بي بي شهيد جي وراثت اهڙي پاڪستان لاءِ روشنيءَ جو مينار آهي، جيڪو پنهنجي دفاع ۾ مضبوط هجي ۽ پنهنجي عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ثابت قدم هجي. بي بي شهيد جي وراثت اهڙي پاڪستان لاءِ به رهنمائي جو سرچشمو آهي، جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي جائز ۽ منصفاڻي جدوجهد جي حمايت ۾ اٽل هجي.بلاول ڀٽو بي بي شهيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو رڳو اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم نه هئي، پر هوءَ بي آواز ماڻهن جي آواز، مظلومن جي طاقت ۽ اقتدار جي ايوانن کان پري رکيل شهرين جي اميد پڻ هئي.هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سياست کي عوامي خدمت جي هڪ عظيم مقصد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.بلاول ڀٽو چيو ته بي بي شهيد پنهنجي سڄي زندگي اهڙي پاڪستان جي تعمير لاءِ وقف ڪري ڇڏي، جتي هر شهري عزت، بنا ڪنهن امتياز جي برابر موقعن ۽ انصاف سان زندگي گذاري سگهي.

 

You might also like