ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي عوام لاءِ وڏي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته ھلندڙ سال ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسن جو ھڪ وڏو تعداد ڪراچي پھچي ويندو، ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسون مرحليوار مختلف روٽس تي ھلايون وينديون. ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائڻ جي ويزن تي تيزي سان ڪم ڪري رھي آھي، پيپلز بس سروس جي ڪاميابي کانپوءِ ھاڻي اي وي بسون ڊبل ڊيڪر بسن جو وڏو تعداد بھ ٽرانسپورٽ نظام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت جا منصوبا رڳو ٽرانسپورٽ تائين محدود ناھن، ھي ڪراچي جي مستقل جو رخ طئي ڪري رھيا آھن،