ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اڄ اربع شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪندو. بجيٽ اجلاس کان اڳ، سنڌ ڪابينا جو اجلاس پڻ ٿيندو جنهن ۾ بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني ويندي. ذريعن موجب، سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس لڳ ڀڳ پنج ڏينهن جاري رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هڪ ضمني بجيٽ پڻ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. سنڌ جي بجيٽ جي ايندڙ هفتي منظوري جي اميد آهي. بجيٽ ۾ تعليم، صحت، ماس ٽرانزٽ منصوبن بسن جي خريداري وغيرهه لاءِ جهجهي رقم رکي ويندي.