واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪا ايران سان ٺاهه تي صحيحن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. صدر ٽرمپ چيو آهي ته آبناءِ هرمز مڪمل طور جمعي تي کلي ويندي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران هڪ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن.آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو چوڻ آهي ته هن ۽ صدر ٽرمپ آمريڪا جي طرفان مفاهمت جي ياداشت تي دستخط ڪيا.سندس مطابق، ايراني پارلياماني اسپيڪر باقر قاليباف ايران جي طرفان ان تي دستخط ڪيا. بعد ۾، آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته سڀني کي مبارڪون هجن، ايران سان معاهدو مڪمل ٿي چڪو آهي.هن چيو ته ايراني بندرگاهن جي آمريڪي بحري بندش ختم ڪئي وئي آهي. دنيا جي جهازن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر شروع ڪرڻ گهرجن، اهو وقت آهي ته تيل جي فراهمي بحال ڪئي وڃي. بعد ۾، آمريڪي اخبار دي نيو يارڪ ٽائمز سان هڪ انٽرويو ۾، صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران ڪنهن آخري ايٽمي معاهدي تي نه پهتو ته هو ٻيهر حملو ڪندو.جي ڊي وينس موجب، معاهدي جا ڪيترائي معاملا اڃا طئي ٿيڻا آهن، پر آمريڪا کي اميد آهي ته آبناءِ هرمز وارو سامونڊي لنگهه عرصي تائين بنا ڪنهن رنڊڪ جي کليل رهندو. ٽرمپ چيو ته آبناءِ هرمز جمعي تائين مڪمل کلي ويندو، ايران سان بهتر لاڳاپن جي اميد ڪيان پيو.ايران جي سخت نگراني ڪنداسين، معاهدي جا تفصيل جمعي تي پڌرا ڪيا ويندا .
آمريڪا ۽ ايران 19 جون تي جنيوا ۾ ٺاهه تي صحيحون ڪندا، ميزباني پاڪستان ڪندو: وزيراعظم
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي تي صحيحن واري تقريب 19 جون تي جنيوا ۾ ٿيندي، جنهن جي ميزباني پاڪستان ڪندو. سومر جي ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته دنيا امن جو تاريخي سنگِ ميل عبور ڪري ورتو آهي.سندس چوڻ هوته ايران ۽ آمريڪا لبنان سميت سمورن محاذن تي فوجي ڪارروائين کي فوري ۽ مستقل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ”هن تاريخي معاهدي جي باضابطا تقريب جمعي 19 جون تي جنيوا ۾ ٿيندي ۽ ان تقريب جي ميزباني پاڪستان ڪندو هن ان کي ٻن ملڪن وچ ۾ معاهدو نه پر امن ۽ ڳالهين جي فتح، سفارتڪاري جي ڪاميابي ۽ جنگ جي تباهي کان بچاءُ قرار ڏنو. شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي ۽ ايراني صدر کي هن امن عمل ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، جن تدبر، ڏاهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم ڳالهين جي هن ڏکئي ۽ آزمائشي مرحلي ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان جي ڪردار کي ساراهيندي سندن شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سندس حڪومت ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي جي نتيجي ۾ ايندڙ عالمي معاشي استحڪام جا فائدا هر پاڪستاني تائين پهچائيندي. سومر ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن جنگ جي تباهه ڪندڙ اثرن پوري دنيا ۽ عالمي معيشت کي ڏڪائي ڇڏيو هو، جنهن جو پاڪستان جي معيشت تي به وڏو اثر پيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. هن قوم کي خاطري ڪرائي ته ته حڪومت هن امن معاهدي جا فائدا عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي. ڳالهين جي عمل دوران فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته جنگ جا شعلا وسائڻ ۽ امن جي قيام لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجا ڏينهن رات وقف ڪري ڇڏيا.
معاهدي جو مقصد آمريڪا يا اسرائيل جا ڏوهه وسارڻ ناهي: ايران
تهران (م ڊ) ايران آمريڪا سان امن معاهدي کانپوءِ ايران پنهنجو باضابطا موقف ظاهري ڪري ڇڏيو آهي. تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته هن معاهدي جو مقصد ڪنهن به قسم جي ڏوهن کي معاف ڪرڻ يا وسارڻ نه آهي. اسماعيل بقائي چيو ته ايراني قوم پنهنجي قيادت کان محروم ٿي، پر اسان آمريڪا ۽ اسرائيل جي ظلمن کي ڪڏهن به نه وسارينداسين. اسان وڏيون قربانيون ڏئي پنهنجي وطن جو دفاع ڪيو آهي ۽ ايراني عوام پنهنجي فوج جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي.هن چيو ته عالمي برادري اسرائيل ۽ آمريڪا جي ظلمن جي مذمت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.ترجمان واضح ڪيو ته لبنان سميت سمورن محاذن تي جنگ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ آبناءِ هرمز جا سمورا معاملا ايران ئي سنڀاليندو. هن تصديق ڪئي ته آمريڪا سان معاهدي تي جمعي ڏينهن جنيوا ۾ صحيحون ڪيون وينديون، جنهن کان اڳ ايراني اختياريون پاڙيسري ملڪن جا دورا ڪنديون.اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪا کي ايراني عوام جو ڀروسو حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا تمام ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو، جڏهن ته سڀني ڏکيائين باوجود ايران هاڻي اڳي کان وڌيڪ طاقتور ٿي اڀريو آهي.
آمريڪا-ايران معاهدي جي آجيان: خطي ۾ امن ٿيندو: صدر زرداري بلاول ڀٽو
اسلام آباد(بيورو)صدرِ مملڪت آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جي اعلان جو آجيان ڪندي چيو آهي ته هي پيش رفت خطي ۾ پائيدار امن جي قيام ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.جاري ڪيل بيان ۾ صدر زرداري چيو ته مان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جي اعلان جي آجيان ڪريان ٿو.هن چيو ته اميد آهي ته هي عمل حتمي معاهدي جي رستي کي هموار ڪندو ۽ خطي ۾ مستقل امن جي بنياد رکي سگهندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي فخر آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪئي.صدر زرداري وڌيڪ چيو ته هي پيش رفت ڪثيرالملڪي تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ تڪرارن کي پرامن ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي.دعاگو آهيان ته اهي ڪوششون خطي ۽ دنيا ۾ وڌيڪ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجن.ٻئي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل ڊيل جو آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي پيش رفت سڀني ڌرين جي دانشمند قيادت ۽ عزم جي عڪاسي ڪري ٿي،هي هاڪاري اڳڀرائي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم قدم آهي.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف کي هن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس قيادت ۽ ويزن تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.
حزب الله پاران آمريڪا-ايران معاهدي جي آجيان
بيروت(عوامي آواز نيوز)لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت جي آجيان ڪندي ان کي علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو آهي.بيروت مان خبرون ڏيندڙ ايجنسين موجب، حزب الله پنهنجي بيان ۾ چيو ته معاهدي جي اعلان کانپوءِ لبنان سميت مختلف محاذن تي جنگ بندي تي عمل شروع ٿي ويو آهي، ۽ تنظيم معاهدي جي اعلان کان وٺي ڪو به فوجي آپريشن ناهي ڪيو.حزب الله جو چوڻ هو ته جنگ بندي بابت اسان جو موقف ان ڳالهه سان مشروط آهي ته اسرائيل به جنگ بندي جي مڪمل پاسداري ڪري.”لبنان اندر اسرائيل جي آزاداڻي چرپر کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ لبناني خودمختياري جي ڪنهن به خلاف ورزي کي قبول نه ڪيو ويندو.
”ٽرمپ جي معاهدي جا پابند ناهيون“ انتهاپسند اسرائيلي وزير مڇرجي پيو
تل ابيب(ع آ نيوز) اسرائيلي وزير بين گورنر ايران-آمريڪا معاهدي تي تنقيد ڪئي آهي ۽ معاهدي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. اسرائيل جي انتهائي ساڄي ڌر جي قومي سلامتي وزير بين گوير ايران-آمريڪا معاهدي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ جو معاهدو اسان کي پابند نٿو ڪري، اسان ان ۾ ڌر نه آهيون. بين گورنر وڌيڪ چيو ته اهو معاهدو اسان جي سيڪيورٽي جي ضمانت نٿو ڏئي، ۽ اسان حزب الله جي مڪمل خاتمي کان گهٽ ڪنهن به شيءِ تي مطمئن نه ٿي سگهون.اسرائيلي وزير چيو ته هو اسرائيلي فوج جي قبضي ۾ هڪ انچ به زمين نه ڇڏيندو.
گڏيل قومن،يورپ ۽ جاپان پاران معاهدي جي آجيان
لندن / پيرس / برلن (عوامي آواز نيوز)برطانيا، فرانس، جرمني ۽ اٽلي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت جو آجيان ڪندي ان کي وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم پيش رفت قرار ڏنو آهي.چار يورپي ملڪن پاران جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته خطي ۾ استحڪام لاءِ سڀني ڌرين کي بين الاقوامي معاهدن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.بيان موجب جيڪڏهن ايران طرفان واضح ۽ تصديق لائق قدم کنيا وڃن ته ان جي خلاف لاڳو پابندين ۾ نرمي تي غور ڪري سگهجي ٿو. گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آبناءِ هرمز کي فوري ۽ غير مشروط طور کولڻ لازمي آهي ته جيئن عالمي واپار ۽ توانائي جي فراهمي بحال رهي.يورپي ملڪن پنهنجي بيان ۾ لبنان جي خودمختياري ۽ سياسي استحڪام جي مڪمل حمايت جو به اعادو ڪيو ۽ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سڀني رياستن کي ذميوار ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.چار يورپي ملڪن زور ڏنو ته موجوده سفارتي پيش رفت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رکيو وڃي، ۽ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو وڃي،ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل امن معاهدي جو آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏني آهي.جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائچي به آمريڪا ۽ ايران جي معاهدي جو آجيان ڪندي ان کي خطي ۽ عالمي معيشت لاءِ مثبت قدم قرار ڏنو آهي.
آمريڪا مهيني اندر ناڪابندي ختم ڪندو، ايران کي 300 ارب ڊالر ملندا
واشنگٽن(ع آ نيوز) ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 14 نقاطي مسودي جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.. ايراني نيوز ايجنسي جي مطابق، مسودو 30 ڏينهن اندر آمريڪي بحري بندش ختم ڪندو. مسودي ۾ ايران جي تيل ۽ پيٽروڪيميڪل برآمدات تي پابنديون معطل ڪرڻ پڻ شامل آهي. مسودي ۾ لبنان سميت سڀني محاذن تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي پڻ شامل آهي. مسودي مطابق، آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي ايران جي نئين سر تعمير لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 300 ارب ڊالر فراهم ڪرڻا پوندا ۽ آخري معاهدي ۾ ايران جو ميزائل پروگرام ۽ مزاحمتي گروپن جي مدد شامل نه هوندي. ڳالهين دوران، منجمد ايراني اثاثن ۾ 24 ارب ڊالر جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته آمريڪا ڳالهين کان اڳ منجمد ايراني اثاثن ۾ 12 ارب ڊالر جاري ڪندو. مسودي ۾ سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد ذريعي آخري ايران-آمريڪا معاهدي جي منظوري پڻ شامل آهي.