پاڪستان ۽ يورپي يونين جي پڌرائي ۾ ڪشمير جي ذڪر تي ڀارت ۾ ٻائيتال

نئين دهلي (م ڊ)ڀارت پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل پڌرائي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ذڪر کي ”رد“ ڪندي ان کي پنهنجي ملڪ جو ”اندروني معاملو“ قرار ڏنو آهي.اڱاري ڏينهن ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان هڪ پريس بريفنگ دوران چيو ته ”اسان گڏيل پڌرائي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن ڀارت جي اندروني معاملن بابت غير ضروري حوالن کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا.“ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ”ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ ڀارت جا اڻٽٽ حصا آهن.“ واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪايا ڪالاس سان ملاقات ٿي هئي، جنهن کانپوءِ هڪ گڏيل پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي هئي.پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل پڌرائي جي ان حصي تي تنقيد ڪندي ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ”جيڪي ماڻهو يا ڌريون اهڙن معاملن ۾ ڪا قانوني حيثيت نٿيون رکن، انهن کي گهرجي ته ان بابت تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪن..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.