لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن جو چوڻ آهي ته اهو تاثر درست ناهي ته ڏکڻ آفريڪا جون سموريون پچون تيز ۽ بائونسي هونديون آهن.
هن چيو ته ورلڊ ڪپ جي تياريءَ لاءِ پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ پچز تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان موضوع تي مون تازو ئي ويچار ونڊيا آهن.
سندس چوڻ آهي ته عالمي ڪپ رڳو ڏکڻ آفريڪا ۾ نه پيو ٿئي، پر زمبابوي ۽ نميبيا به گڏيل ميزباني ڪري رهيا آهن.
هيڊ ڪوچ چيو ته زمبابوي ۽ نميبيا ۾ اهڙا ڪيترائي وينيوز موجود آهن جتي اسپنرز اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اسان کي اتي به ميچون کيڏڻيون آهن، اِهو تاثر غلط آهي ته ڏکڻ آفريڪا جون سڀ پچون تيز ۽ بائونس واريون هونديون آهن.
هن چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي ڪجهه وينيوز ۾ اهڙيون خاصيتون آهن، پر پاڪستان جي ڏکڻ آفريڪا ۾ آخري ون ڊي سيريز جي پارل واري ميچ ۾ اسپن بالنگ واضح اثر ڇڏيو هو.
مائڪ هيسن وڌيڪ چيو ته اسان ڪافي ريسرچ ڪئي آهي ۽ ايندڙ 18 مهينن ۾ هر قسم جي ڪنڊيشن موجب تياري ڪنداسين.