واٽس ايپ جو اهڙو نئون فيچر، جنهن جوواهپيدارن کي وڏو انتظار هو

واٽس ايپ ۾ واهپيدارن لاءِ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن جو واهپيدارن کي وڏي عرصي کان انتظار هو.

رپورٽ موجب اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ سائن آئوٽ فيچر شامل ڪيو ويو آهي. هن فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجو اڪائونٽ، چيٽس يا محفوظ ڪيل ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ کان سواءِ ايپ مان سائن آئوٽ ٿي سگهندا. هي واٽس ايپ ۾ هڪ اهم تبديلي هوندي، جيڪا واهپيدارن کي عارضي طور ايپ مان نڪرڻ ۽ بعد ۾ بغير ايپ يا ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ جي ٻيهر لاگ اِن ٿيڻ ۾ آساني فراهم ڪندي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان واٽس ايپ ۾ روايتي سائن آئوٽ جو آپشن موجود نه هو. هن وقت واهپيدار سڌو سنئون لاگ آئوٽ نٿا ٿي سگهن، پر کين پوري ايپ ڊليٽ ڪري ٻيهر انسٽال ڪرڻي پوندي آهي ۽ پوءِ لاگ اِن جو سمورو عمل ورجائڻو پوندو آهي.

رپورٽ موجب نئون فيچر واهپيدارن جي هن پريشاني کي ختم ڪري ڇڏيندو. ان کان پوءِ جڏهن به ڪو واهپيدار ايپ مان سائن آئوٽ ڪندو ته واٽس ايپ طرفان چيٽ هسٽري، محفوظ ٿيل ڊيٽا ۽ اڪائونٽ سان لاڳاپيل معلومات برقرار رکي ويندي، جنهن سان ٻيهر لاگ اِن ٿيڻ جو عمل وڌيڪ آسان ۽ تيز ٿي ويندو.

رپورٽ موجب لاگ آئوٽ جو آپشن اڪائونٽ سيٽنگز ۾ موجود هوندو. ان تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ هڪ مختصر تصديقي عمل مڪمل ڪرڻو پوندو. تصديقي عمل مڪمل ٿيڻ تي ڊوائيس مان اڪائونٽ لاگ آئوٽ ٿي ويندو، پر مواد ڊليٽ نه ٿيندو، جنهن سبب واهپيدار بعد ۾ سولائي سان ٻيهر سائين اِن ٿي سگهندا.

واضح رهي ته هي فيچر هن وقت رڳو بيٽا ورزن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري اهو سڀني واهپيدارن لاءِ ڪڏهن دستياب ٿيندو، ان بابت في الحال ڪجهه حتمي طور نٿو چئي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.